چنڊ جا تمنائي

چنڊ جا تمنائي

چنڊ جا تمنائي

چنڊ جا تمنائي (ڪتاب): هي ڪتاب، سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار آغا سليم جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو، 1962ع ۾، زندگي پبليڪيشن، حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو هو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد، 1986ع ۾ شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ آغا سليم جون 9 ڪهاڻيون: ’نيٺ بهار آيو‘، ’خوابن جو سوداگر‘، ’سڄڻ نت سوجهرو‘، ’ڊڄڻي‘، ’وساريم پنهنجي پرينءَ کي‘، ’جُڳن جا جُڳ ٿيا‘، ’ٽهڪ‘، ’خوني‘ ۽ ’چنڊ جا تمنائي‘ شامل آهن. آغا سليم ڪتاب جو انتساب هنن لفظن ۾ ڪيو آهي: ’اپريل جي ڏهين تاريخ، جڏهن بهار منهنجي اڱڻ تي آئي‘. ڪرائون سائيز جي 160 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 16 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو